شهيد ٿيل پاڪ فوج جي ميجر بابر نيازي جي زوب ڪينٽ ۾ جنازي نماز ادا

زوب ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل پاڪ فوج جي ميجر بابر نيازي جي زوب ڪينٽ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي

آءِ ايس پي آر موجب جنازي نماز ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول آفيسرز ۽ شهرين جي شرڪت، 36 سالن جي شهيد ميجر بابر نيازي جو مڙهه ميانوالي ضلعي ۾ سندس اباڻي علائقي ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو

آءِ ايس پي آر موجب ميجر بابر نيازي زوب جي علائقي سمبازه ۾ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران شهادت ماڻي

انھيءَ کان اڳ سڪيورٽي فورسز جو بلوچستان جي علائقي زوب ۾ آپريشن، فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا،فائرنگ ۾ ڏي وٺ ۾ پاڪ  فوج جو ميجر شهيد ٿي ويو

آءِ ايس پي آر موجب زوب جي سمبازا واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

دهشتگردن سان ويڙهه ۾ پاڪ فوج جي ميجر بابر خان شهادت ماڻي، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔