9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو يا اسان کي سزائون ڏنيون وڃن: شيخ رشيد

راولپنڊي:  عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته 9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو يا پوءِ اسان کي سزائون ڏنيون وڃن.

شيخ رشيد صحافين سان ڳالهين دوران چيو ته 2 سالن کان تاريخون ڀوڳي رهيا آهيون، اسان جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، ٻارن کي تشدد جو نشانو بنايو ويو، پوليس وارا پئسا ۽ زيور به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

شيخ رشيد  چيو ته ملڪ ۾ انصاف مذاق بڻجي ويو آهي الله کان پوءِ صرف عدليه ئي رهجي وئي آهي جنهن مان انصاف جي اميد آهي. هن چيو ته  9 مئي بابت جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو يا پوءِ  اسان کي سزا ٻڌائي ڇڏيو.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ان کان بهتر آهي ته اسان کي سزا ٻڌائي ڇڏيو، اسان جي جان ڇڏيو، اسان جي خلاف ڪي به شاهديون نه آهن. عمران خان سان احترام جو تعلق آهي. ايندڙ پيشي تي ان سان ملاقات ٿيندي يا نه اها خبر نه آهي. موجوده حڪومت جي رنگ پسٽن ويهي چڪي آهي. پلڪ ۾ ڪچرو ڦاسي چڪو آهي جنهن جي ڪري انجڻ دونهون ڇڏي رهيو آهي. ملڪ جي عوام ڪشميرين جيان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري.

ان کان اڳ شيخ رشيد 9 مئي بابت سمورن ڪيسن ۾ ثبوت نه هجڻ جي آڌار تي بري ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي. عدالت شيخ رشيد جون درخواستون ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي پوليس کي نوٽيس جاري ڪيو ۽ ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔