9 مئي ڪيس: شبلي فراز، زرتاج گل، بشارت راجا ۽ زين قريشي جي ضمانت منظور

اسلام آباد: راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي جي  ڪيسن ۾ شبلي فراز، راجا بشارت، زرتاج گل ۽ زين قريشي سميت 20 کان وڌيڪ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

ان کان اڳ  عدالت ۾ 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد سمورن جوابدارن جي  حاضري لڳائي وئي. عدالت ۾ 5 سئو کان وڌيڪ جوابدار پيش ٿيا.

عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت 9 مئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪندي چيو ته 9 مئي جي ڪيسن جي ايندڙ ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔