اداڪارا يمنيٰ زيدي شوٽنگ دوران ڏاڪڻ تان ڪري زخمي

ڪراچي: مشهور اداڪارا يمنيٰ زيدي ڊرامي جي شوٽنگ دوران ڏاڪڻ تان ڪري پئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿه اداڪارا يمنيٰ زيدي ڏاڪڻ تان لهڻ دوران اوچتو هو ڪري پوندي آهي. اداڪارا واقعي بابت سوشل ميڊيا تي پوسٽ به شيئر ڪري ڇڏي. يمنيٰ زيدي پوسٽ ۾ لکيو ته صدقي جي طاقت تي يقين رکندي آهيان، صدقي ئي بچائي ورتو، ڏاڪڻ تان ڪرڻ باوجود مان محفوظ رهيس ۽ پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو. اداڪارا جو ڏاڪڻ تان ڪرڻ وارو واقعو جٽلمين جي شوٽنگ دوران پيش آيو، يمنا زيدي ڊرامي ۾ صحافي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ هن جو هيرو همايو سعيد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔