پيٽرول جي اگهه ۾ 15 رپيا کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي سمري وزيراعظم کي موڪلي هئي

ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 15 رپيا 39 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 273 رپيا 10 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 88 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 274 رپيا 8 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهن ۾ 7 رپيا 54 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 161 رپيا 17 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

گاسليٽ جو اگهه ۾ 9 رپيا 86 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي نئين قيمت 173 رپيا 48 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ڪئي وئي آهي

اگهن ۾ گهٽتائي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔