جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو، ڪو قانون درست نه آهي ته ان کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومت جي انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته قانون ائين ئي معطل ٿيندا رهيا ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪو قانون پسند نه آهي ته ان کي معطل ڪري ڇڏيان، ڇا اها ديانتداري آهي؟ قانون کي معطل ڪرڻ به نظام سان ڳٺجوڙ ڪرڻ آهي، قانون کي معطل ڪرڻ بدران روزاني بنياد تي ٻڌي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها:

ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا ڪنهن بل کي معطل ڪرڻ پارليامينٽ جي ڪارروائي کي معطل ڪرڻ نه آهي؟

چيف جسٽس چيو ته پوءِ اهڙي پارليامينٽ کي ئي ڇو نه معطل ڪري ڇڏيون، اسان قانون ٽوڙيون يا ملٽري قانون ٽوڙي هڪ ئي ڳالهه آهي، اسان ڪيستائين پاڻ کي پاڳل بڻائيندا رهنداسين

 وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته نيب ترميمون ڪالعدم ڏيڻ وقت حقيقتن جو درست جائزو نه ورتو ويو

 14 سيپٽمبر 2023 تي اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔