پي ٽي آءِ باني نيب ترميمن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو وڊيو لنڪ ذريعي پيش

پي ٽي آءِ باني نيب ترميمن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿي ويو

 سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي ڪارروائي سڌي نشر ڪرڻ بابت 5 رڪني ڪجهه دير ۾ فيصلو ڪندي

 گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ نيب قانون ۾ ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي هلائي رهي آهي

 بئنچ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر شامل آهن

 14 سيپٽمبر 2023 تي اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔