قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون جاري، آءِ ايم ايف طرفان ٽيڪسن جو حدف 11 هزار ارب روپين کان وڌيڪ رکڻ تي زور

اسلام آباد: پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) وچ ۾ نئين قرض پروگرام جي لاءِ ڳالهيون جاري آهن جنهن ۾ نئين مالي سال جي دوران 11 هزار ارب روپين کان وڌيڪ اضافي ٽيڪس تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي دوران محصولات جو حدف 11 هزار ارب روپين کان وڌيڪ چاهي ٿو.

ذريعن موجب ايف بي آر طرفان  نون قدمن جي باري ۾ ناڻي واري وزارت کي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايم ايف زرعي آمدني کي به انڪم ٽيڪس اختيار ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ذريعن موجب پاڪستان جي ڊي پي ۾ زراعت جو 24 سيڪڙو حصو آهي زرعي آمدني جو نارمل انڪم ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ تي به آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن. آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته پينشن تي به انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي.

اهڙي طرح نان فائلرز جي لاءِ ٽيڪس جو ريٽ وڌيڪ وڌائڻ تي به آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته پگهاردار طبقي تي به انڪم ٽيڪس ۾ نظرثاني ڪرڻ ۽ لگزري شين جي درآمد تي به ٽيڪسن ۾ اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان  آءِ ايم ايف کي خصوصي سرمائيڪاري ڪونسل(ايس آءِ ايف سي) جي آپريشن ۾ شفافيت جو يقين ڏياري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔