موسميات کاتي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ اڄ به موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ موسم اڄ به وڌيڪ گرم رهندو.

موسميات کاتي موجب نوابشاهه، دادو ۽ سبي ۾ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

هوڏانهن سکر ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 46، حيدرآباد 45، سرگودها، ملتان ۾ 44، لاهور ۾ 42، پشاور ۾ 40، اسلام آباد 38 ۽ ڪراچي ۾ 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب ڏينهن ۾ سخت گرمي رهڻ سبب مٿانهين سنڌ، پنجاب جي ڏاکڻي علائقن ۾ شام يا رات جو تيز هوائون لڳڻ جو امڪان آهي جڏهن ته اترين بلوچستان، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔