خيبر پختخونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن الڳ الڳ آپريشنز ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان ڊيرا اسماعيل خان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ان آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

هوڏانهن اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد انعام الله مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز، معصوم شهرين خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔