اها اداڪارا جنهن سلمان خان جي شادي جي آڇ ٿڏي ڇڏي

ممبئي: ڀارتي اداڪارا شرمين سيگل بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان جي شادي جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي.

خابرو اداري موجب شرمين سيگل مهتا بالي ووڊ جي مشهور فلم ڊائريڪٽر سنجي ليلا بهنسالي جي ڀاڻيجي آهي، شرمين سيگل مهتا تازو ئي سنجي ليلا ڀنسالي جي نيٽ فلڪس سيريز هيرا منڊي ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.

انٽرويو ۾ اداڪارا ٻڌايو آهي ته مان ٽن سالن جي هيس ته فلم هم دل دي چڪي صنم جي سيٽ تي منهنجي سلمان خان سان ملاقات ٿي، اتي سلمان خان مونکي چيو هو ته ”ڇا تون مونسان شادي ڪندين؟“ جنهن تي مون کلندي انڪار ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔