بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي اڄ 9 مئي تي سڄي ملڪ ۾ وڪيلن جي هڙتال جاري

لاهور: لاهور ۾ وڪيلن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي خلاف بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي اڄ سڄي ملڪ ۾ وڪيلن جي هڙتال جاري آهي.

وڪيل اڳواڻن لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ اڄ مذمتي جنرل هائوس اجلاس طلب ڪري رکيو آهي، وڪيلن جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، وڪيلن جي گاڏين جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي.

سيڪيورٽي آفيسر موجب ڪنهن به وڪيل جي گاڏي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اندر پارڪ نه ٿيندي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران واٽر ڪين گاڏيون پهچايون ويون آهن، پوليس جي اضافي نفري هاءِ ڪورٽ جي اندر ۽ ٻاهر مقرر ٿيل آهي. ٻئي پاسي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به وڪيلن تي تشدد جي خلاف عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سٽي ڪورٽ ۾ داخل ٿيندڙ سمورن دروازن تي تالا لڳائي ڇڏيا آهن، ڪورٽ جي اندر سموريون دوڪانون، ڪيفي ٽيريا بند آهن، ڪراچي بار جي صدر واقعي خلاف چئني ڊسٽرڪٽ ججز کي عدالتي  معاملا معطل رکڻ لاءِ خط لکيو آهي. جڏهن ته ملير ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ معمول موجب ڪم جاري آهي.

گوجرانوالا بار ۾ به هڙتال جاري آهي، صدر بار عامر منير چيو ته وڪيلن تي تشدد، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ شيلنگ جي پرزور مذمت ڪريون ٿا. پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي هڙتال تي اڄ صوبي جي عدالتن ۾ وڪيل پيش نه ٿيا، پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن چيو آهي ته گرفتار وڪيلن کي فوري طور تي آزاد ڪري ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ياد رهي ته پوليس جي تشدد ۽ احتجاجي وڪيلن جي گرفتارين خلاف پاڪستان بار ڪونسل اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري رکيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن عدالتن جي منتقلي ۽ وڪيلن تي دهشتگردي جي ڪيسن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهر لاهور بار ايسوسيئيشن ريلي ڪڍي هئي، مطالبن جي منظوري لاءِ وڪيلن لاهور هاءِ ڪورٽ جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔