پاڪ فوج جو يوم تڪبير تي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ سمورين ڌرين کي خراج تحسين

اسلام آباد : پاڪ فوج يوم تڪبير جي ڏهاڙي تي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ سمورين ڌرين کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.پاڪ فوج جي ترجمان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر ذريعي 28 مئي يوم تڪبير جي حوالي سان سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي سلام پيش ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 28 مئي 1998ع تي پاڪستان مڪمل طور يقين جوڳي گهٽ ايٽمي صلاحيت حاصل ڪئي هئي ۽ اهڙي ريت خطي ۾ طاقت جو توازن پيدا ٿيو.هن چيو ته پاڪ فوج اهم موقعي تي انهن سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪري ٿي، جن تصورکان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين پروگرام ۾ ڪم ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته خاص طور تي سائنسدانن ۽ انجنيئرز جي محنت ۽ جذبي سبب اها ڪاميابي ممڪن ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔