توشه خانه ريفرنس ۾ نوازشريف جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: احتساب عدالت نوازشريف جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته آصف زرداري جي حاضري کان استشنيٰ واري درخواست منظور ڪئي.احتساب عدالت اسلام آباد ۾ جج اصغر علي توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جوابدار عبدالغني مجيد پيش ٿيا جڏهن ته نوازشريف ۽ آصف علي زرداري پيش نه ٿيا.آصف زرداري حاضري کان استشنيٰ واري درخواست ڏني جيڪا منظور ڪئي وئي جڏهن ته نوازشريف طرفان ڪير به پيش نه ٿيو.نيب يوسف رضا گيلاني ۽ عبدالغني مجيد کي گرفتار ڪرڻ جي گذارش ڪندي چيو ته عبدالغني مجيد ۽ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو وڃي. عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ڪجا قابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ آصف علي زرداري جي اڄ حاضري کان استشنيٰ جي درخواست منظور ڪندي انهن کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي، عدالت آصف زرداري سميت سمورن جوابدارن کي 11 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔