پاڪستان ۾ عالمي ايئرلائنز جي اڏامن جي جزوي بحالي جو امڪان

ڪراچي: پاڪستان ۾ علامي فضائي ڪمپنين جي اڏامن جي جزوي بحالي تي غور ڪيو پيو وڃي جنهن جو اڄ نوٽم جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب 29 پرڏيهي ايئرلائنز کي عالمي فضائي اجازت ملڻ جي اميد آهي جنهن ۾ 25 ائيرلائنز جي هڪ هڪ جهاز کي هڪ ڏينهن ۾ لينڊنگ جي اجازت هوندي جيڪا پاڪستان مان مسافرن کي کڻي وڃي سگهندي.ان حوالي سان اڏامن کي معياري طريقيڪار (ايس او پيز) تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ سماجي فاصلي جي شرط تي عمل لازمي هوندو، سي اي اي طرفان باضابطه نوٽم اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔