عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم بيمثال آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه چيو آهي ته عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم بي مثال آهي.پاڪ فوج جي عالم لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه امن مشن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي بهادر امن دستن جي قرباني جي جذبي کي ياد ڪري ٿو، پاڪستاني امن دستا دنيا جي ڏکين ۽ شروش زده علائقن ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن.آرمي چيف چيو آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر تحت عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم بي مثال آهي.ياد رهي ته اڄ امن دستن جو عالمي ڏينهن ملاهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد سموري دنيا ۾ امن دستن جي ڪوششن ۽ انساني همدردي وارين سرگرمين جو اعتراف ڪندي انهن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔