ماضيءَ ۾ ٿيل جهاز حادثن جون رپورٽس به عوام آڏو پڌريون ڪيون وينديون

سلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڪراچي جهاز سانحي گڏ ماضي ۾ ٿيل حادثن جي رپورٽس منظرعام تي آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم کي جهاز سانحي ۽ ماڪڙ حملن بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان جهاز سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افسوسناڪ واقعي ۾ انصاف جي سمورين گهرجن کي پورو ڪيو ويندو، انڪوائري رپورٽ جي حقيقتن ۽ تفصيلن کان عوام کي مڪمل طور آگاهه ڪيو ويندو، حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي، ٻئي پاسي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ماضيءَ ۾ ٿيل جهاز حادثن جون رپورٽس به عوام آڏو پڌريون ڪيون وينديون، بدقسمتيءَ سان سنڌ سرڪار هر واقعي کي سياسي بڻائي رهي آهي، وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي منظوريءَ سان جُڙيل بورڊ ڪنهن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو، جلد ۽ شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي منقطي انجام تائين پهچايو ويندو، فرانسيسي ٽيم وائيس ۽ ڊيٽا رڪارڊر کي ڊيڪوڊ ڪرڻ بعد جاچ رپورٽ ڏيندي، اُن مان خبر پوندي ته حادثي جو ذميوار ڪير آهي؟ وفاقي وزير طرفان جهاز سانحي جي متاثرن کي شفاف جاچ جي خاطري ڪئي وئي آهي، غلام سرور خان چيو ته پاڪستان ٺهڻ بعد 12 جهاز حادثي جو شڪار ٿيا، جهاز بابت رپورٽ 22 جون تي پارليامينٽ ۾ هوندي، سنڌ سرڪار جهاز واقعي تي سياست ڪري رهي آهي، فرانسينسي اختياريون سمورا ثبوت کڻي وڃي رهيون آهن، جهاز حادثي ۾ جيڪو به ذميوار هوندو، اهو انجام تي پهچندو، جهاز ۾ 97 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جهاز ۾ سوار 2 ڄڻا معجزاڻي طور بچي ويا، جاچ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔