جهاز حادثو: جاچ ۾ اڳڀرائي، ست ڏينهن کان پوءِ ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊر ملي ويو

ڪراچي: پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ست ڏينهن کان پوءِ ڪاڪ پٽ وائس ريڪارڊ ملي ويو.

فرانسيسي ٽيم ٽئين ڏينهن به حادثي جي جڳهه جو دورو ڪيو ۽ جديد اوزارن جو استعمال ڪيو. جاچ ٽيم ڪالهه ڳرن پرزن کي کڻڻ جي هدايت ڏني هئي.

ترجمان پي آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڪاڪ پٽ وائس ريڪارڊر کان جاچ ۾ مدد ملندي. وائس ريڪارڊر ايئرڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بورڊ جي حوالي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حادثي واري جڳهه تان گڏ ڪيل ملبي تي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

جهاز مان حاصل ڪيل سامان ۾ ڊائيگرام ٺاهيو ويندو. 3 ڏينهن کان جاري جاچ ۾ فرانسيسي ٽيم رن وي ويندڙ حادثي جي دوري لاءِ ايئرٽريفڪ ڪنٽرول جي عملي سميت ٻين ماڻهن کان سوال ڪيا. ترجمان پي آءِ اي ڪاڪ پٽ وائس ريڪارڊر ملڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته صبح نئين سري سان ڪاڪ پٽ وائس ريڪارڊر جي ڳولا شروع ڪئي وئي هئي جيڪو جهاز جي ملبي جي هيٺيان کان مليو.

ياد رهي ته 22 مئي تي پي آءِ اي جو لاهور کان ڪراچي ايندڙ جهاز رن وي تان ڪجهه سيڪنڊ جي فاصلي تي آبادي تي ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز جي عملي سميت 97 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته 2 ڄڻا معجزاني طور تي بچي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔