نيب ضمانت تي آزاد جوابدارن جي خلاف عدالتن ۾ اپيلون داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

No-Image

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي جي لاءِ درخواستون داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ميگا ڪرپشن ڪيسن بابت اجلاس  نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو. نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  اجلاس ۾ شريف خاندان، شاهد خاقان عباسي، فواد حسن فواد جي باري ۾ هينئر تائين جي جاچ تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ حمزه شهباز، سلمان شهباز، حسن نواز، حسين نواز جي خلاف به هينئر تائين  جي جاچ جو جائزو ورتو ويو.

ان کان علاوه احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، عمران الحق ۽ ٻين جي خلاف هينئر تائين جي جاچ جو به جائزو ورتو ويو. نيب  طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 435 آف شور ڪمپنين ۾ سيف الله ڀائرن، عليم خان ۽ ٻين جي خلاف هينئر تائين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان کان علاه ڪيپٽن صفدر، مهتاب عباسي، اڪرم دراني ۽ ٻين جي خلاف هينئر تائين جي جاچ جو جائزو ورتو ويو.

ان کان علاوه اجلاس ۾ آصف زرداري، عبدالغني مجيد، انور مجيد ۽ ٻين جي خلاف جاچ تي به بريفنگ ڏني وئي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس ۾ قوم جي لٽيل رقم قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائڻ جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪڻڪ ۽  کنڊ اسڪينڊل جي جاچ  تي به بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي چوري ۽ خرد برد جي ڪيسن ۾ 10 ارب روپين جي ريڪوري ٿي.

نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي جي لاءِ درخواستون داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن ٻڌايو  آهي ته اجلاس ۾ ضمانت تي آزاد جوابدارن جي خلاف عدالتن ۾ اپيلون داخل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔