اضافي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ سان 300 اربن کان وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

ذريعن موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت وزيراعظم آفيس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته نگران دور ۾ ناڻي واري وزارت جي سفارش تي نجي شعبي کي مقرر حد بدران کليل ڇوٽ ڏني وئي ۽ ڪڻڪ جي ٽريڊرز کي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ جي ايس ٽي جي ڇوٽ به ڏني وئي

بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته نگران ڪابينا جي منظوري کانپوءِ فوڊ سيڪيورٽي وزارت سمري موڪلي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت واپاري واري وزارت ۽ ٽي سي پي جي تجويزن کي نظرانداز ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منظم منصوبي تحت واڌو ڪڻڪ درآمد ٿي، جنهن سان 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، پاسڪو ۽ صوبائي کاتا گهربل هدف 7.80 بدران 5.87 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيا.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته گذريل سال 28.18 ملين ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي، 2.45 ملين ٽن درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فصل تيار آهي، صوبائي حڪومتن طرفان في مڻ اگهه به مقرر ڪيو ويو آهي پر پنجاب ۽ بلوچستان حڪومت هارين کان خريداري شروع ناهي ڪئي.

صوبائي حڪومت طرفان ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ سبب سرڪاري ريٽ کان به گهٽ قيمت تي ڪڻڪ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي، جنهن سان هاري پريشان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔