موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ به گرمي پد 40 ڊگري تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي:موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جو موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته گهٽ کان گهٽ گرمي پد 25.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ هلندڙ هوا ۾ نمي جو تناسب 60 سيڪڙو آهي، اتر ۽ اوڀر کان هلڪي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. گرم موسم ۾ ماهرن طرفان شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔