روس جي مسلم عورتن کي شهريت جي درخواست ۾ باحجاب تصوير لڳائڻ جي اجازت

ماسڪو:روس پنهنجي قانونن ۾ نرمي ڪندي شهريت جي درخواست ڏيندڙ پرڏيهي پرڏيهي عورتن کي دستاويزن لاءِ حجاب واريون تصويرون جمع ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

روسي ميڊيا موجب روسي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب نئون قانون 5 مئي کان لاڳو ٿيندو، جنهن تحت شهريت جي درخواست ڏيندڙ عورتون حجاب سان گڏ پنهنجون تصويرون ضروري دستاويزن سان گڏ جمع ڪرائي سگهنديون.

روسي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن درخواستگذار عورت جا مذهبي عقيدا کيس اڻڄاتلن سامهون مٿو ڍڪڻ بنا اچڻ کان روڪين ٿا ته اهي پنهنجون اسڪارف واريون تصويرون جمع ڪرائي سگهن ٿيون.

بيان ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته درخواست سان گڏ فراهم ڪيل تصويرن ۾ چهرو لڪل نه هجڻ گهرجي.

ياد رهي ته روسي عورتن کي اڳ ئي سرڪاري دستاويزن جيئن پاسپورٽ، ڊرائيونگ لائسنس ۽ ورڪ پرمٽ وغيرا لاءِ حجاب واريون تصويرون استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔