صدر پاران ڪراچي ۾ سيف سٽي منصوبي کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت

صدر پاران ڪراچي ۾ سيف سٽي منصوبي کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ڪچي ۾ پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ جي هدايت

وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس دوران صدر پاران ڪراچي ۾ ناردرن باءِ پاس تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جي هدايت، ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جو گڏيل انتظام جوڙڻ جو به حڪم

اجلاس ۾ صدر آصف زرداري چيو ته پوليس پتو لڳائي ته ڪراچي مان چوري ٿيل گاڏيون ۽ موبائيل فون ڪيڏانهن وينديون آهن،  ٻين ملڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا ڪي سبب آهن، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو ڪو جواز نظر نٿو اچي

گهوٽڪي- ڪنڌڪوٽ پُل تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي صدر چيو ته سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، ڪچي ۾ قبائلي جهيڙا حل ڪرڻ لاءِ مقامي معزز ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي، پوليس کي ڊرگ مافيا خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي صدر چيو ته رپورٽس آهن ته منشيات اسڪولن تائين پهچي وئي آهي، اها ڳالهه برداشت جوڳي ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔