ايندڙ 2 مهينا اهم آهن، سياست پنهنجو رنگ ڏيکاريندي: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ايندڙ 2 مهينا تمام گهڻا اهم آهن ان دوران سياست پنهنجو رنگ ڏيکاريندي.

راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ نائب وزيراعظم جي ڪابه  گنجائش نه آهي. نائب وزيراعظم جاتي عمره جو آئين آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ 2 مهينا تمام گهڻا اهم آهن. ان دوران سياست پنهنجا رنگ ڏيکاريندي، جڏهن ته حڪومت کي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

اڳوڻي گهرو وزير  چيو ته پي ٽي آءِ باني سميت ڪنهن به پي ٽي آءِ اڳواڻ سان رابطو نه آهي. پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي شبلي فراز ئي ڪجهه چئي سگهي ٿو. پر 9 مئي سانحي جا جيڪي بيگناهه آهن انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته عدليه کي لفافن ۾ پائوڊر اماڻيا پيا وڃن هاري ۽ صنعتڪار روئي رهيا آهن اڃان تائين هڪ ڪلو ڪڻڪ به خريد نه ڪئي وئي آهي. جهازن  ذريعي گهٽ ڪڻڪ گهرائي پئي وڃي. جهاز ڪراچي  ۾ ڪڻڪ اڇلائي واپس وڃن پيا. نيب ڪڻڪ اسڪينڊل جو فوري طور تي نوٽيس وٺي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔