اسيمبلين مان استعيفائون نه ڏينداسين، پارليامينٽ ۾ رهي مسئلن جو حل ڳولينداسين: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر اسيمبلين مان استعيفائن جي تجويز تي چٽو جواب ڏيندي چيو آهي ته اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ جي حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ٿيو. اسان پارليامينٽ ۾ رهنداسين ۽ مسئلن جو حل ڳولينداسين.

بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن تي اڄ مختصر ٻڌڻي ٿي، 3 مارچ جي چونڊن بابت اسان کي نوٽيس نه مليو هو جنهن ۾ صرف ٻڌڻي جي باري ۾ ٻڌايو ويو هو

هن چيو ته پهريان اليڪشن ڪميشن ڊاڪيومينٽ بابت نوٽيس اماڻيو هو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ۾ چيو ته انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان وٽ اعتراض آيا ته ان جو جواب ڏينداسين، پي ٽي آءِ کان سواءِ ڪنهن به پارٽي آئين موجب انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊن تي نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو. پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان به واپس ملڻ گهرجي. اسان سان انصاف ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔