قرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ اسان جي ڪاميابي هوندي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي آخري مالياتي قسط جاري ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملڻ سان پاڪستان ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام ايندو. 2016 ۾ منهنجي اڳواڻ نوازشريف آءِ ايم ايف پروگرام کي مڪمل ڪيو هو. اهو ايس بي اي جو ٻيون پروگرام آهي جيڪو مڪمل ٿي رهيو آهي.هن چيو ته 16 مهينن جي حڪومت دوران پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۾ آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو اهم ثابت ٿيو هو پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ سخت ۽ ڏکيا فيصلا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اهڙن فيصلن جا ثمر معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. رب پاڪ معيشت کي بهتر بنائڻ جو موقعو ڏنو آهي، پوري طاقت لڳائي پاڪستان کي معاشي ترقي ڏيارينداسين.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قرض وٺڻ ڪاميابي نه آهي، ڪاميابي انهي ڏينهن ٿيندي جنهن ڏينهن قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين. صحيح رستي تي سفر محنت سان جاري رهندو ته معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو.وزيراعظم ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سميت سمورين معاشي ٽيمن جي ڪاوشن جي تعريف ڪندي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو به ٿورو ادا ڪيو جنهن پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔