هيرا منڊي فلم ۾ پاڪستاني اداڪارن کي ڪاسٽ ڪرڻ جو سوچيو هو: سنجي ليلا

ممبئي: بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي پنهنجي ويب سيريز هيرا منڊي لاءِ پاڪستاني اداڪارن کي ڪاسٽ ڪرڻ جي منصوبا بندي جو انڪشاف ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ سنجي ليلا انڪشاف ڪيو آهي ته هيرا منڊي جو آئيڊيو ان وٽ 18 سالن کان پيل هو، پر ڪهاڻي وڌيڪ هجڻ ڪري فلم جي تياري نه ڪئي وئي.

ڀارتي هدايتڪار ٻڌايو ته 18 سال پهريان ان جي آئيڊيا ڪاسٽ ۾ ريکا، ڪرينا ڪپور ۽ راني مکرجي موجود هئي، پر بعد ۾ اها ڪاسٽ هڪ ڪاسٽ مان ٻي ڪاسٽ ۾ تبديل ٿي وئي.

سنجي ليلا جو چوڻ هو ته هڪ وقت ۾ هن فلم لاءِ پاڪستاني اداڪارا عمران عباس، ماهرا خان ۽ فواد خان کي ڪاسٽ ڪرڻ جو سوچيو پر بعد ۾ خيال تبديل ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔