ٻارن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن تي نظر رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جي 31هين اجلاس ۾ ٻارن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن تي سخت نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته منشيات فروشن جي بحالي لاءِ ادارا قائم ڪرڻ گهرجن، نارڪوٽڪس کاتو ٻين صوبن ۽ وفاقي ادارن سان سهڪار سان ڪارروايون تيز ڪري.صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته گهرو وزير محسن نقوي جي سهڪار سان منشيات جي واپار ۾ ملوث هڪ نائجيرين کي گرفتار ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ ڪارروائي دوران 3 منشيات فروش مارجي ويا.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته منشيات جي واپار بابت 164 ڪيس داخل ۽ 166 گرفتاريون ڪيون ويون آهن.ڪارروائي دوران 4.3 ڪلو هيروئن، 4 لک 19 هزار 472 ڪلو گرام چرس ۽ 1200 ڪلو ڀنگ هٿ ڪيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته اينٽي نارڪوٽڪس آپريشن ۾ سنڌ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔