اسان پنهنجي آئيني حدن کان واقف آهيون، ٻيا به پاسداري ڪن:آرمي چيف

رسالپور: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان پنهنجي آئيني حدن کان چڱي ريت آگاهه آهيون، اميد آهي ته ٻين کان به توقع آهي ته هو آئين جي پاسداري کي اوليت ڏيندا. پاڪ فضائيه جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اوهان اسان جي اميدن جو مرڪز، آسمانن جا محافظ ۽ علائقائي يڪجهتي جا ضامن آهيو، هن ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان قابليت، ڪردار۽ همت سان زندگي گذاريندا. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته اوهان جو رويو نه رڳو اوهان جي ذاتي اخلاقيات لاءِ پر اداري لاءِ به غير معمولي هوندو، اوهان مادر وطن جي دفاع، عزت ۽ وقار لاءِ قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائجو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته راشد منهاس، سرفراز رفيقي، ايم ايم عالم جهڙا ٿيو جن ملڪ لاءِ پنهنجون جانيون ۽ خدمتون ڏنيون، توهان کي جيڪا ذميواري ڏني پئي وڃي ان تي قائم رهو ۽ پاڪستان جي رياست سان وفادار بڻجو. جنرل عاصم منير چيو ته اسان پنهنجي آئيني حدن کان آگاهه آهيون ۽ ٻين کان به اها اميد رکون ٿا ته آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي حد مقرر ڪئي وئي آهي، ان تي عمل ڪندا. ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٻين تي آڱريون به نٿا کڻي سگهن. آرمي چيف چيو ته غزه جي جنگ ان مصيبت جو تازو مثال آهي، جيڪي جنگون آڻي سگهن ٿيون. آرمي چيف چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪري چڪو آهي، ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي دنيا جي خاموشي آزادي جي آواز کي دٻائي نٿي سگهي. آرمي چيف چيو ته اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، هميشه ياد رکو ته سچ طاقت آهي جڏهن ته ڪوڙ ڪڏهن به مضبوط نٿو ٿي سگهي. آرمي چيف پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ بهادري جي لازوال روايت کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فوجي قيادت توهان کان بهترين جذبي کي برقرار رکڻ جي اميد رکي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔