گورنر هائوس ڪراچي، سي ايم هائوس ۽ رينجرز هيڊڪوارٽر ٻاهران رنڊڪون هٽائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ پاران گورنر هائوس ڪراچي، سي ايم هائوس ۽ رينجرز هيڊڪوارٽر ٻاهران رنڊڪون هٽائڻ جو حڪم، سمورين عمارتن ٻاهران ٽن ڏينهن اندر حددخليون هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم  ڏنو ويو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي دوران چيو ته ڪنهن کي به عوام جي آزاداڻي چرپر ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه آهي، رستا بند ڪرڻ ۽ رنڊڪون وجهڻ غير قانوني آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاڻ حددخليون کڙيون ڪري رهيون آهن

 چيف جسٽس چيو ته حددخليون هٽائڻ جي خرچن جو بل سينيئر آفيسر ڏانهن اماڻيو، هن جي کيسي مان پئسا ڀرايو، پنڌ گهمندڙ ماڻهن کان پڇو ته هو ڪهڙي تڪليف ۾ آهن

چيف جسٽس چيو ته انگريز دور جي وڻن جي ڇانو ۾ ماڻهو ويهن ٿا، ثواب ته انگريز کٽي رهيا آهن، ڪي ايم سي جا سمورا روڊ رستا ڪليئر ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔