حماس جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف: اسرائيلي ملٽري انٽيليجنس جي سربراهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

تل ابيب: فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪندي اسرائيل جي ملٽري انٽيليجنس جي سربراهه ميجر جنرل ابرون بليو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايرون بليوا 7 آڪٽوبر تي حماس جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي جي ذميواري قبول ڪئي هئي

ايرون بليوا حماس جي 7 آڪٽوبر تي حملي کان پوءِ استعيفيٰ ڏيندڙ اعليٰ ترين شخصيت آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته اسرائيلي فوج جي سربراهه ملٽري انٽيليجنس چيف جي استعيفيٰ کي منظور ڪندي سندس خدمتن تي ان جو ٿورو ادا ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي ملٽري انٽيليجنس چيف جي استعيفيٰ ٻين فوجي آفيسرن لاءِ به حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ ۾ رستو سڌو ڪندا.

ياد رهي ته 7 آڪٽوبر جي حملي  ۾ تقريبن 1200 اسرائيلي مارجي ويا هئا جڏهن ته حماس 250 ماڻهن کي يرغمال به بنايو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔