ايراني صدر جي وزيراعظم سان ملاقات، دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن تي اتفاق

اسلام آباد: ايراني صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان معاملا غور هيٺ آيا

ملاقات ۾ ٻطرفي  واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون، ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عام چونڊن کان پوءِ اوهان  پاڪسستان جو دورو ڪندڙ پهريان صدر آهيو، مون سميت سموري پاڪستاني قوم اوهان جي دوري جو آجيان ڪري ٿي.

ايراني صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي پاڪستان پهچڻ دوران پرجوش استقبال تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو ادا ڪيو.

ايراني صدر ابراهيم رئيسي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات  ڪئي جنهن ۾ پاڪ ايران لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔