سنڌ مان تيل ۽ گئس جا وڌيڪ نوان ذخيرا هٿ

سنڌ مان تيل ۽ گئس جا وڌيڪ نوان ذخيرا هٿ، ماڙي پيٽروليم پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا گهوٽڪي ضلعي جي شهر ڏهرڪي ويجهو هٿ آيا آهن

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نون ذخيرن مان روزانو 25 لک مڪعب فوٽ گئس ۽ هڪ هزار 40 بيرل خام تيل حاصل ٿي سگهندو

 پڌرائي موجب ماڙي فيلڊ جي کوهه شوال ون مان تيل جا نوان ذخيرا هٿ آيا، شوال ون تي ڪم جي شروعات 27 جنوري 2024 کان ڪئي وئي هئي

 کوهه کي هڪ هزار 136 ميٽرز جي اونهائي تائين کوٽيو ويو هو، ايم ڊي ماڙي پيٽروليم فهيم حيدر پاران ذخيرن جي نئين دريافت سائنسدانن ۽ انجنيئرز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔