وزيراعظم شهبازشريف پاران ضمني چونڊ ۾ ڪامياب اسيمبلي ميمبرن کي مبارڪباد

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏينداسين.

وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي نون چونڊيل ميمبرن جو کٽڻ عوام طرفان ڀروسي جو اظهار آهي. ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) کي ووٽ ڏيندڙ عوام جو دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪريون ٿا.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اميدوارن جي ڪاميابي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي لاڳاپن جي بهتري جي حڪومتي خدمت جو عوامي اعتراف آهي. هن چيو ته معاشي بهتري ۽ عوامي ريليف ۾ اضافي سان ايندڙ وقت ۾  عوامي راءِ مزيد تبديل ٿيندي. عالمي مالياتي ادارن، خبرون ڏيندڙ ادارن ۽ سرويز ۾ معاشي بهتري جي اڳڪٿين به عوام جي راءِ تي بهتر اثر وڌو آهي. 8 فيبروري کان پوءِ اپوزيشن جي غير سياسي روين ۽ انهن جي حامين به عوام کي بددل ۽ مايوس ڪيو آهي.

هن چيو ته کٽڻ يا هارائڻ چونڊ عمل جو حصو آهي. الزامن جي بجاءِ سياسي تعاون جو رستو اختيار ڪرڻ ئي جمهوري رويو آهي. چونڊ عمل ۾ خامين ۽ اعتراضن کي گڏيل تعاون ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه سان ئي پري ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔