مسافرن لاءِ خوشخبري: عيدالفطر جا 3 ڏينهن ريلوي جي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو رعايت جو اعلان

لاهور: پاڪستان ريلوي مسافرن جي لاءِ سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي آهي، عيد جي 3 ڏينهن دوران ٽرين جي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

عيدالفطر جا 3 ڏينهن پاڪستان ريلويز طرفان ٽرين جي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ڀاڙن ۾ رعايت  سمورن مسافرن ٽرينن جي سمورين ڪلاسز جي لاءِ هوندي.

ٽرين ڀاڙن جي حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙي رعايت عيد اسپيشل ٽرينن تي نه هوندي. عيدالفطر جي 3 ڏينهن لاءِ اعلان ڪيل اها رعايت ڪرنٽ ٽڪيٽ تي لاڳو هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔