پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ بدران ڳالهين ذريعي حل ڳولين: آمريڪا

واشنگٽن :آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين ذريعي حل ڳولڻ جي ڪوشس ڪئي وڃي.ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سوال تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.هن چيو ته هو ان معاملي تي ميڊيا جي رپورٽن تي عمل ڪري رهيا آهن، ڪنهن به الزام هيٺ آيل الزامن تي تبصرو نٿو ڪري سگهجي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري انٿوني بلنڪن جمعي ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڳالهه ٻولهه ۾ مضبوط ڀائيواري جو ورجاءُ ڪيو ويو.ميٿيو ملر چيو ته دهشتگردي جي خاتمي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي ڀائيواري کي وڌائڻ ۽ عورتن جي بااختيارگي تي جاري تعاون جي اهميت تي پڻ بحث ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔