سجاول ۾ کوهه جي کوٽائي دوران گيس جا نوان ذخيرا هٿ

سجاول: سنڌ ۾ کوهه جي کوٽائي دوران گيس جي نون ذخيرن کي هٿ ڪيو ويو آهي.

او جي ڊي سي ايل موجب سجاول ۾ 12 لک 40 هزار اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ ميٽر گيس جو ذخيرو مليو آهي جنهن سان ملڪي گيس ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو

ترجمان موجب نور ويسٽ کوهه نمبر 1 جي 2975 ميٽر تائين کوٽائي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ گيس هٿ آئي آهي. گيس جو کوهه او جي ڊي سي ايل جي 100 سيڪڙو ملڪيت آهي.

گئس جي اضافي پيداوار سان ساليانو ملڪي امپورٽ بل ۾ خاطر خواهه گهٽتائي ٿيندي. او جي ڊي سي ايل اسٽاڪ ايڪسچينج کي خط لکي گيس هٿ اچڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔