ڪڻڪ جي گهٽ امدادي قيمت: پنجاب ۾ هارين احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: هاري اتحاد جي چيئرمين چوڌري خالد حسين باٿ چيو آهي ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت گهٽ مقرر ڪرڻ تي عيد کان پوءِ سموري پنجاب جا هاري احتجاج ڪندا.

چوڌري خالد حسين باٿ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3900 روپيه في مڻ مقرر ڪئي جيڪا تمام گهٽ آهي. گذريل سال جي سپورٽ پرائس به 4000 روپيه هئي. هاڻ ته پيداواري لاڳت به وڌي چڪي آهي.

هاري اتحاد جي چيئرمين چيو ته ڀاڻ، يوريا، ڊي اي پي، بجلي ۽ ڊيزل سميت سموريون شيون هارين کي بليڪ ۾ ٻيڻين اگهن تي وٺڻيون پيون آهن. زرعي مداخل ٻيڻي کان به ٽپي چڪو آهي. مهانگائي جي حوالي سان ريٽ مقرر ڪرڻ جي بجاءِ حڪومت گذريل سال جو ريٽ هن سال رڪارڊ مهانگائي باوجود ساڳيو لڳائي ڇڏيو.

خالد حسين باٿ چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز دعويٰ ڪئي هئي ته مان خدمت ڪندس، پر افسوس هو پنهنجي پهرين ئي دعويٰ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هاري دشمن ۽ ظالماڻي پاليسي ٺاهي وئي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته گهٽ کان گهٽ 5000 روپيه في مڻ ڪڻڪ سپورٽ پرائس جو اعلان ڪيو وڃي.

خالد حسين باٿ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت 4600 روپيه ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس مقرر ڪئي آهي پر پنجاب جي هارين مٿان ظلم ڇو پيو ڪيو وڃي. عيدالفطر کان پوءِ سموري پنجاب جا هاري احتجاج ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔