سعودي عرب ۾ اڄ چنڊ نظر اچڻ جا امڪان نه آهن: ماهر فلڪيات

رياض:  فلڪيات جي ماهرن سعودي عرب ۾ اڄ چنڊ نظر نه اچڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب فلڪيات جي ماهرن چيو آهي ته سعودي عرب ۾ عيدالفطر اربع تي ٿيڻ جو امڪان آهي

فلڪيات جي ماهرن موجب سعودي عرب  ۾ اڄ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان نه آهي.

ياد رهي ته سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ اجلاس اڄ ٿيندو جنهن لاءِ سعودي عرب شهرين کي اڄ 8 اپريل تي شوال جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪري رکي آهي.

ان حوالي سان سعودي سپريم ڪورٽ هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ شهرين کي چيو ويو آهي ته اهي چنڊ نظر اچڻ جي اطلاع ڏين ۽ چنڊ بابت لاڳاپيل اٿارٽي کي آگاهي ڏين.

ميڊيا رپورٽن موجب شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عيد جو چنڊ انساني اک يا دوربين جي ذريعي ڏسي سگهجي ٿو جنهن کان پوءِ چنڊ نظر اچڻ جي اطلاع ويجهي عدالت يا مرڪز کي ڏني وڃي. ياد رهي ته سعودي عرب ۾ شوال جي چنڊ جو باضابطه اعلان سپريم ڪورٽ طرفان ڪيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔