سنڌ حڪومت پاران عيد الفطر تي 4 ڏينهن موڪلن جواعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت عيدالفطر تي 4 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب عيد جون موڪلون اربع 10 اپريل کان ڇنڇر 13 اپريل تائين هونديون. واضح رهي ته موسميات کاتي شوال جو چنڊ 9 اپريل تي نظر اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي عيدالفطر جي چنڊ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته نئون چنڊ 8 اپريل تي رات 11 لڳي 21 منٽن تي پيدا ٿيندو ۽ 9 اپريل تي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان آهن. ٻئي طرف وفاقي حڪومت به عيدالفطر جي موقعي تي 10 کان 13 اپريل تائين عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ کان 12 اپريل تائين ڪراچي م گرمي وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي ۽ 14 اپريل کان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔