وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز هٿان 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔