سيڙپڪاري ۽ پاڪ سعودي تعلقات اڳتي وڌائڻ تي اتفاق

مڪه: وزير اعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان خصوصي افطار ڊنر تي ملاقات ڪئي. خاص افطار ڊنر ۾ بحرين جي وزيراعظم ۽ ولي عهد سلمان بن حمد بن عيسيٰ الخليفه به شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف حرم شريف جي خادم شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحتيابي لاءِ دعا ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن سعودي اختيارين طرفان سندس ۽ سندس وفد جي گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. ولي عهد محمد بن سلمان ۽ شهباز شريف ڊگهي برادرانه لاڳاپن جي اڳتي وڌڻ جي رفتار کي ساراهيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. افطار کانپوءِ ٻه طرفي ملاقات به ٿي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات بعد وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن عمرو ادا ڪيو. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز به شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔