وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري ۾ نوازشريف شامل نه آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم جي وفد ۾ سندس گهر ڀاتي شامل آهن. پر نوازشريف شامل نه آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته اسان جي حڪومت اچڻ سان ڪاروباري ماڻهن ۾ ڀروسو بحال ٿيو. اسان ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو. عالمي ميڊيا تي پاڪستاني معيشت جي باري ۾ مثبت خبرون اچي رهيون آهن ڪجهه عناصر پاڪستان کي ترقي ڪندي نٿا ڏسي سگهن.

وفاقي وزير چيو ته بلوم برگ پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ عام ماڻهو جي ڪمائي بابت اڳڪٿي ڪئي آهي، مقامي سرمائيڪاري ۾ به مثبت اڳڀرائي نظر اچي رهي آهي

عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف بشام واقعي کان پوءِ چيني انجنيئرز جو حوصلو وڌائڻ لاءِ پاڻ داسو ويو. چينين جي سيڪيورٽي کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي. وزيراعظم چيني منصوبن ۽ چيني انجنيئرز جي سيڪيورٽي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. اسان جا حوصلا بلند آهن. ڪنهن کي به امن تباهه ڪرڻ نه ڏينداسين. اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا. اسان جي اهڙي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ڪمرشل فلائيٽ تي سعودي عرب ويندو ۽ سمورا خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪندو. سعودي عرب جي دوري ۾ عمري جي ادائيگي سان گڏوگڏ اهم ملاقاتن جو به امڪان آهي. وزيراعظم جي وفد ۾ سندس گهر ڀاتي شامل آهن، نوازشريف شامل نه آهي.

اطلاعات واري وزير چيو ته پرڏيهي وزارت ڀارتي دفاع واري وزير جي بيان جي ترديد ڪئي آهي. ملڪ دشمن طاقتون سي پيڪ کي ناڪام بنائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ وڏيون سهولتون مليل آهن، جڏهن ته بشريٰ بي بي کي زهر ڏيڻ بابت سموريون خبرون رد ٿي چڪيون آهن. بشريٰ بي بي کي ڊاڪٽر پاڻ چئي چڪا آهن ته ان جي طبيعت بهتر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔