سنڌ حڪومت عيد کانپوءِ ٽرانسپورٽ جا نوان منصوبا شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت عيد کانپوءِ صوبي جي مختلف شهرن ۾ ٽرانسپورٽ جي نوان منصوبا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پيپلزپارٽي جي ترجمان ۽ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ جو ٽرانسپورٽ کاتو عيد کان پوءِ ٽرانسپورٽ جا نوان منصوبا شروع ڪندو، جنهن ۾ ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ منصوبا شروع ڪيا ويندا.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميرپورخاص ۾ عوام جي سفري سهولت لاءِ  پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي، پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪندڙن لاءِ ڪيش ليس ٽڪيٽ سروس به متعارف ڪرائي ويندي.

هن چيو ته  اورنج لائين، بي آر ٽي ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي کي جوڙڻ لاءِ مفت شٽل سروس شروع ڪئي ويندي، عوام لاءِ مفت شٽل سروس عيد کاپنوءِ شروع ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔