قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 21 تڪن ۾ ضمني چونڊن جو اعلان

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 21 تڪن ۾ ضمني چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن طرفان قومي اسيمبلي جي جن تڪن تي ضمني چونڊ جو اعلان ڪيو ويو، انهن ۾ اين اي 8 باجوڙ، اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان، اين اي 119 لاهور 3، اين اي 132 قصور 2 ۽ اين اي 196 قمبر – شهدادڪوٽ ون شامل آهن.

ان کانسواءِ صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ ڪي پي 22 باجوڙ 4، پي ڪي 91 ڪوهاٽ 2، پي بي 20 خضدار 3، پي بي 22 لسٻيلا، پي پي 32 گجرات 6، پي پي 36 وزيرآباد 2، پي پي 54 نارووال ون، پي پي 93 ڀڪر 5، پي پي 139 شيخوپورا 4، پي پي 147 لاهور 3، پي پي 149 لاهور 5، پي پي 158 لاهور 14، پي پي 164 لاهور 20، پي پي 266 رحيم يار خان 12 ۽ پي پي 290 ڊي جي خان 5 شامل آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ضمني چونڊ لاءِ پولنگ 21 اپريل تي ٿيندي، چونڊ مهم 19 ۽ 20 اپريل جي وچين رات ختم ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔