اسرائيلي جارحيت جا 6 مهينا، وڏي تباهي واري جنگ

غزهه :7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي 6 مهينا مڪمل ٿي ويا آهن.عرب ميڊيا موجب غزه جي جنگ 21 هين صدي جي سڀ کان وڌيڪ تباهي واري جنگ بڻجي چڪي آهي، ان جنگ جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا، جڏهن ته غزه جا 17 لک ماڻهو (70 سيڪڙو) مجموعي آبادي) کي بي گهر ڪيو ويو.اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ غزه ۾ خوراڪ سميت بنيادي ضرورتن جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته بنيادي شهري ڍانچو پڻ تباهه ٿي ويو آهي.عرب ميڊيا موجب غزه تي اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 33 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن.هن جنگ جي نتيجي ۾ 1.1 ملين فلسطيني شهري خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ٻن سالن کان گهٽ عمر جا 31 سيڪڙو ٻار سخت غذائي کوٽ جو شڪار آهن.اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزه جي 70 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي وئي آهي ۽ غزه ۾ 60 سيڪڙو رهائشي عمارتون انهن حملن ۾ تباهه ٿي ويون آهن.غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۾ هن وقت تائين غزه جا 90 سيڪڙو اسڪول تباهه ٿي چڪا آهن جڏهن ته غزه جي 36 اسپتالن مان صرف 10 ڪم ڪري رهيا آهن.اسرائيلي حملن ۾ 227 مسجدون شهيد ۽ 3 گرجا گهر تباهه ٿي ويا آهن، غزه ۾ اڌ کان وڌيڪ عمارتون اسرائيلي فوج جي حملن ۾ تباهه ٿي ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔