پاڪستان ۾ موبائل فون هزارين روپيا سستا ٿي ويا

اسلام آباد : پاڪستان ۾ موبائل فون ٺاهيندڙ ملڪي ۽ پرڏيهي سڀني ڪمپنين 20 کان وڌيڪ موبائل فون ماڊلز جا اگهه 400 رپين کان وٺي 10 هزار رپين تائين گهٽائي ڇڏيا. موبائل فون ايسوسيئيشن ۽ مارڪيٽ ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سڀني ڪمپنين نه رڳو سمارٽ فونز جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي پر ڪي پيڊ واريون فونز، جن ۾ فيچر فونز به شامل آهن، اهي به 100 کان 500 رپين تائين سستيون ڪيون ويون آهن. موبائل فون ڪمپنين جا سيلز ٽارگيٽ پورا نه پيا ٿين، جنهن سبب اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پاڪستان ۾ موبائل فونز گهڻي انگ ۾ ٺاهيون پيون وڃن. موبائل فون ڪمپنين جي نمائندن تصديق ڪئي آهي ته اگهن ۾ لاٿ ڪري پاڪستاني مارڪيٽ ۾ موبائل فون انڊسٽري کي استحڪام پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔