اظهر محمود اسسٽنٽ هيڊ ڪوچ مقرر ٿيڻ جو امڪان

لاهور: اڳوڻو پاڪستاني آل رائونڊر اظهر محمود پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وائيٽ بال ۽ ريڊ بال ڪرڪيٽ لاءِ الڳ الڳ هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ اشتهار به ڏنو آهي، پر ان دوران پي سي بي ڪوچز لاءِ معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن. پي سي بي اسسٽنٽ ڪوچ لاءِ ٻه ڏينهن اڳ اشتهار ڏنو هو، درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 20 اپريل آهي جڏهن ته هيڊ ڪوچ لاءِ درخواستون 15 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. اظهر محمود اڳ ۾ به پاڪستان ٽيم جو بالنگ ڪوچ رهي چڪو آهي ۽ پي ايس ايل جي فاتح ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ جو هن وقت ڪوچ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔