مهانگائي جي شرح 50 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

اسلام آباد: بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ مهانگائي 50 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. هلندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو ۽ 2025ع ۾ 15 سيڪڙو ۽ 2026ع ۾ 11.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ ۾ مهانگائي 1974ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ هئي، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ سان پيداواري لاڳت ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ واڌ جو وڏو سبب بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔