اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

بشريٰ بي بي جي سندس مڙس عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ سبب عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بي بي جي جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس مان اسٽيٽ ڪونسل عبدالرحمان عدالت ۾ پيش ٿيو.

جسٽس گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ٿيو آهي؟ عدالت اسٽيٽ ڪونسل کي هدايت ڪئي ته لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري اڄ ئي آگاهي ڏيو، چيف ڪمشنر آفيس، جيل اختيارين ۽ ٻين ڌرين سان رابطو ڪري رپورٽ ڏني وڃي.

جسٽس گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته ٻنهي طرفن کان سياست ٿي رهي آهي عيد کان پوءِ هن ڪيس کي ٻڌي فيصلو ڪنداسين.

ياد رهي ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي بشريٰ بي بي جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ ٻنهي جي عيد تي ملاقات جو پڻ حڪم ڏنو ه

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔